Search This Blog

Monday, November 06, 2023

ڪميونٽي جرنلزم، ڪميونٽي ليڊر!! صحافي فھد جانوري ڄامشورو

ڪميونٽي جرنلزم، ڪميونٽي ليڊر!!
(فهد جانوري، ڄامشورو) 
سماج ۾ صحافي جو رتبو بنسبت عام يا خاص ماڻهن جي وڌيڪ هجي ٿو!!
ڇا ڪاڻ ته صحافي ڪميونٽي ليڊر جو ڪردار پڻ ادا ڪندا آهن! 
ڳوٺن يا شهرن ۾ ڪميونٽي ليڊر مطلب برادري جا چڱا مڙس هوندا آهن جيڪي ڪي ذاتين تائين محدود هجن ٿا ته ڪي ڳوٺن، ديهن ۽ تعلقن تائين اثر رسوخ رکن ٿا،
انهن ۾ وري ڪي سياسي سماجي قومي، مذهبي، لساني، طبقاتي ۽ جنسي طور تي معاشري جي هر ڪميونٽي کي ليڊ ڪندا آهن!
پر!! 
هڪ صحافي!!!
کي سماج ۾ نه صرف مخصوص طور تسليم ڪيو ويندو آهي بلڪي وسيع دائري هيٺ پوري سماج جي مسئلن جي نشاندهي يا تصديق لاءِ ڪميونٽي ليڊر طور پڻ تصور ڪيو ويندو آهي
هي نظريو 1957ع ۾ ڪين برلي (Ken Byerly) پيش ڪيو جيڪو موجوده ڊجيٽل دور ۾ به لاڳو ڪيو ويندو آهي ۽ ميڊيا اينڊ ماس ڪميونيڪيشن ۾ مضبون طور سليبس ۾ شامل آهي 
عام طور تي جڏهن به ڪنهن شهر، ڳوٺ يا محلي ۾ ڪو واقعو، حادثو، انتشهار، مذهبي يا قومي ڏڦيڙ پيدا ٿئي ٿو ته تمام شهري فوري طور ٽي وي، ريڊيو جي ابلاغ جي رسائي سان معلومات حاصل ڪندا آهن، پر جڏهن ته هاڻي موجوده دور ۾ موبائيل فون/ انٽرنيٽ موجود آهي ته اتان به معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر جڏهن انهن سڀني فارمٽ تائين رسائي ممڪن نه ٿي وڃي ۽ معاملي يا مسئلي جي تصديق شده معلومات حاصل نه ٿي سگهي ته هو پنهنجي علائقي جي صحافي کان ڄاڻ حاصل ڪندو آهي ۽ ان معلومات کي حتمي طور تسليم ڪندو آهي!!
پر جيئن ته موجوده سماج ۾ هر اصل جو نقل مارڪيٽ ۾ موجود آهي اهڙي طريقي سان صحافين جو ڪردار، معيار، خبر به اصل ۽ نقل جي پينڊوليم(Pendulum) وانگر متحرڪ رهي ٿو، ان ڪري هاڻي عام ماڻهون جو صحافين تي اُهو ويساھ نه رهيو آهي،
پر اڃان به جڏهن تصديق شده ۽ کري معلومات حاصل ڪرڻ ڪو وقت اچي ٿو ته عام يا خاص ماڻهون توڙي سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي اصل معلومات جي رسائي لاءِ صحافي سان ڪميونٽي ليڊر طور رابطو ڪرڻ بهتر سمجهڻ ٿا!!

No comments:

Post a Comment

Featured Post

ایران کا صبح سویرے اسرائیل پر ایک اور بڑا حملہ، بلیسٹک، ہائپر سونک میزائلوں اور ڈرونز کا استعمال، 8 افراد زخمی، 200 سے زائد زخمی

ایران نے اسرائیلی لڑاکا طیاروں کو تیل فراہم کرنے والی تنصیبات کو نشانہ بنایا، حملے سے حیفہ میں ریفائنریز میں آگ لگ گئی وعدہ صادق سوم کے تحت...